عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي: نامور ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي، پهرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين، اڳتي والدين پڙهائڻ نه پئي چاهيو، پر کيس پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. پنهنجي محنتن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مسلم ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. هن 1965ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف زوردار تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جي هر اديب، شاعر توڙي ڪهاڻيڪار جي قلم ۾ بغاوت ڀريل هئي. انهيءَ تحريڪ دوران ڪيترن ئي رسالن ۾ ڪهاڻيون لکيائين. انهن مان روح رهاڻ پنهنجو فرض نڀائيندي نوجوان ليکڪن کي اُڀاريو ۽ انهن جي لکڻين کي جيئن جو تيئن ڇپيو، عالماڻي به رُوح رهاڻ ۾ گهڻو ۽ سٺو لکيو. سندس لکڻين ۾ قومي درد ڀريل هوندو هو، جنهن سبب ماڻهن ۾ عالماڻيءَ جي لکڻين اثر ويهاريو، هن جي ڪهاڻين ۾ رومانس به هو ته نوجوانن کي ڌرتيءَ جي ويڙهه لاءِ اُڀارڻ جو اتساهه به هو. عبدالحق عالماڻي قومپرست ليکڪ هو، جنهن ڪري قومي ورڪرن ۾ وڌيڪ مقبول هو، سندس لکڻين جو محور سنڌ هئي، عبدالحق عالماڻي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي سهاري کان محروم رهيو، ماءُ ئي سندس سهارو هئي، اهڙين حالتن سان وڙهندي هن پڙهائي به ڪئي،ڌڪا ٿاٻا کائيندي وڏو ٿيو هو، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ درد جي جهلڪ وڌيڪ پَسبي هئي.عالماڻيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ‘ڪارو ڪارونڀار’ ڇپيل آهي ۽ لاتعداد ڪهاڻيون روح رهاڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي ڇپجن ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سٺو واڌارو ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ عالماڻي هڪ ناول ”هي جيون هي سپنا“ به لکيو، جيڪو پڻ اڻ ڇپيل آهي. عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالحق عالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.01  عيسوي

عبدالحق عالماڻي، پهرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.


1975.04.24  عيسوي

عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صالح عليه السّلام
چارو پرسو گدواڻي
پيرو کٽي
آغا ناصر
سرهيو خدا داد
بلوچ عنايت
درٻيلوي شيخ حميد
پير بخش خاصخيلي
سوامي گرمکداس مهراج
سجاد حسين ڀٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون